چور پَهو

چور پَهو: ٻيلي ۾ وڻن ۽ ٻوٽـن سـان ڍڪـيل سـنهي پيـچـري کي ’چور پهو‘ چوندا آهن، جنهن جي خبر هر ڪنهن کي نه هوندي آهي، پر ڪن ڄاڻو ماڻهن کي هوندي آهي. هونئن ٻيلي مان نڪرندڙ عام گس کي ’پهو‘ سڏيو ويندو آهي، پر ’چور پهو‘ هڪ خاص ۽ ڳجهو پهو يا پيچرو چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو